رسالپ??ر ?? 21 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ سڀني ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان د??ست??ڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرئين چئلين??ن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رک?? ٿي. هو پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ۾ پاڪستان ايئر فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي بيج لڳايا. ان م??قعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪاليجز آف فلائنگ ٽريننگ ۽ ايروناٽيڪل انجنيئرنگ جي ڪمبائنڊ ڪورسز مان گريجوئيٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ کان پاڪ فضائيه جي آفيسرن طور توهان جي ڪيريئر جي شروعات ٿي رهي آهي. توهان ايئر فورس اڪيڊمي مان بهترين تربيت حاصل ڪئي آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته پنهنجي تربيت جي بنياد تي پوري محنت ۽ عزم سان مستقبل جي چئلين??ن کي منهن ڏيندا. هن چيو ته گريجوئيٽ پريڊ جو معائنو ڪري تمام گهڻي خوش?? ٿي. هن پاس آئوٽ ٿيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهي پاڪ فضائيه جي شاندار روايتن جا امين آهن. هن چيو ته اسان تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي ۽ علائقائي تجزويراتي تبديلين جي چئلينجن جي دور ۾ رهي رهيا آهيون جنهن جا اثر علائقي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان تي به پئجي رهيا آهن. اسپيس نيٽ ورڪ، اليڪٽرانڪ وار فيئر، سائبر اسپيس، نينو ٽيڪنالاجي، ارٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪري قومي سلامتي ۽ دفاع جي روايتي تصورن ۾ تمام گهڻي تبديلي رونما ٿي آهي. هن پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو ته هو هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهي، تنهن هوندي به ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيزي سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي دور جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪندا رهندا. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪ فضائيه تازو ئي ايرو اسپيس ۽ سائبر ڊومين ۾ ماڊرن نان ڪنٽيڪٽ وار فيئر ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ۽ بلندين تائين پهچندي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان جي فوج پيشيواراڻي لحاظ کان باصلاحيت آهي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين چئلين??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهتر تربيت رکندڙ آهي. هٿياربند فوج جي قومي دفاع ۽ قومي نئين سر تعمير ۾ ڪردار کي پوري قوم انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏس?? ٿي. پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج آزمائش جي وقت سدائين وڏي حوصلي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ مون کي اميد آهي ته اها مستقبل ۾ به پاڪستان جو جهنڊو اونچو رکندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ سڀني ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان د??ست??ڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. جيتوڻيڪ امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن واضح ڪيو ته ڪشمير تڪرار جي حل کانسواءِ امن م??ڪن نه آهي. اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جي پائمالين جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسان پنهنجي ماضي ۾ چئلين??ن کي منهن ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح مستقبل جي چئلين??ن کي به منهن ڏينداسين، اميد آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين.
پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ سڀني ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada