نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انو??را??حق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ ت?? ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي حڪومت ??ي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وز??راعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وز??راعظم خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ ت?? ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ ??ي پاڪستان ??ي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وز??راعظم زور ڏيئي چيو ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سميت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طور تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان پهرين“ ??ي پاليسي علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات، اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا