اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چاڙهو نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي دنيا جي نئين بلند ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آ??ي ته دنيا جي سڀ کان بلند چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کانپوءِ خطرناڪ ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪ??دڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن هڪ ڀيرو ٻ??هر پاڪستان جو نالو دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عز?? ۽ ??رادا بلند جبلن کان به بلند آهن، ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني پاڪستاني باهمت عورتن جون نمائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بلند ارادي ۽ مقصد کي ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي نه آهن. هن دعا ڪئي ته ثمينه بيگ، نائله ڪياني ۽ ان جهڙيون قوم جون ٻيون ڌيئرون اهڙي طرح دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪنديون رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙينديون رهن. واضح ر??ي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نائله ڪياني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نائله ڪياني ٻي پاڪستان?? عورت جبل چاڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪ??و هو. ثمينه بيگ پهرين پاڪستان?? عورت جبل چاڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪ??و هو.
وزيراعظم پاران نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار