اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ?? مهانگائي ج?? شرح 29.2 سيڪڙو رهي. جاري ڪيل ??وم?? اقتصادي سروي موجب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن سبب رسد ۾ رنڊڪ، عالمي سطح تي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو، بجلي ۽ تيل جي ٽيرف ۾ سڌارن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ايران ۾ مهانگائي ج?? شرح فيبروري 2023ع ۾ 53.4 سيڪڙو، ترڪيه ۾ اپريل دوران مهانگائي 43.7 سيڪڙو، مصر ۾ مارچ دوران 32.7 سيڪڙو ۽ ارجنٽائن ۾ مارچ ۾ مهانگائي ج?? شرح 104 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي موجب کاڌي پيتي جي شين/ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ حڪومت انتظامي سطح تي قدم کڻي رهي آهي، انتظامي قدمن سان گڏوگڏ حڪومت پاليسي سڌارن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب