مظفرآباد- 25 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته پاڪ ف??ج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن، شهيدن جي عظيم قربانين جي ڪري اڄ اسان آزاد فضائن ۾ سا??ه کڻي رهيا آهيون، 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي ??مل?? جي ڀرپور مذمت ڪريان ٿو. يوم تڪريم شهدا جي موقعي تي خاص بيان ۾ هن چيو ته 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي ڪيل ??مل?? تي ڪشميري قوم کي ڳڻتي آهي، هٿياربند فوج پاڪستان جا جانباز ايل او سي تي جانين جو نذرانو پيش ڪن ٿا ته اسان سڪون سا?? سمهون ٿا، هن چيو ته حديث مبارڪ آهي ته اسلامي سرحد جي هڪ ڏينهن جي نگهباني دنيا فاني ۽ ان جي سمورين شين کان مٿانهين آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جو ڪو به قبرستان اهڙو ناهي جتي ڪنهن شهيد جي قبر تي پاڪستاني ج??نڊو نه ڦڙڪندو هجي. مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ ڪشمير جي آزادي ج?? ضامن آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام پاڪ ف??ج سا?? ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي اپيل آهي ته هو پاڪ ف??ج سا?? ڀرپور يڪجهتي ج?? اظهار ڪن.
پاڪ فوج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن: چوڌري انوار الحق
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ