اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي کيپ خصوصي جهاز ذريعي دمشق رواني ڪئي وئي آهي. امدادي س??مان ۾ خيما ۽ ڪمبل شامل آهن. امدادي اڏام اربع ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دمشق لاءِ رواني ٿي. وفاقي وزير راڻا تنوير، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ شام جو سفير به ايئرپورٽ تي موجود هو. زلزلي س??ن شامي متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي س??مان جلد موڪليو ويندو. پاڪستان پاران مشڪل جي هن گهڙي??َ ۾ شام کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. امدادي س??مان شام ۾ مقرر پاڪستان جو سفير شاهد علي وصول ڪندو. ان کانسواءِ وڌيڪ امدادي س??مان رستي وسيلي شام ۽ ترڪيءَ جي لاءِ ج??د روانو ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا