اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 فيبروري ??ي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀ??ئرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري ??ا سڀ ط??قا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ??ن ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته اهو ضروري ??هي ته ڪشميري ??وام گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي خودمختياري واري ??ق جو استعمال ڪن. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀ??ئرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري ??کندو.
5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : loteria estadual