اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان حوثين پاران گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواي?? جي مذمت ڪ??ي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي سان گڏوگڏ يمن ۾ پرامن حل جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوشش?? جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو. پاڪستان يمن ۾ تڪرار جي سمورين ڌرين تي مسلسل زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ق??اردادن موجب ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پرامن ۽ بامعنيٰ ڳالهين ۾ حصو وٺن. ترجمان چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي جي نتيجي ۾ امن قائم ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو جيتوڻيڪ ا??ا ڳالهه افسوسناڪ آهي ته حوثين پاران جنگبندي جي تجديد نه ڪئي وئي، جيڪا يم?? جي عام شهري?? جي لاءِ مشڪلاتن ۾ اضافي جو سب?? بڻجندو ۽ امڪاني طور تي پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيندو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حوثين تي زور ڏنو ته اهي عسڪري سرگرمين ۽ دهشتگرد ڪارروايون بند ڪن ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ق??ارداد?? جي بنياد تي تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي گڏيل قوم?? جي ثالثي ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي تجديد ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جنگ جو ڪو به مقصد نه آهي ۽ سڀني مسئلن تي پرامن ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. ترجمان چيو ته ان رستي کي جلد اختيار ڪرڻ سان هزارين معصوم جانيون بچي وينديون ۽ يمني عوام جي مستقبل جي به حفاظت ٿيندي.
پاڪستان پاران حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی