اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وف?? جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي آ??يا?? ڪندي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف س??ن اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وف?? چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري ??زارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وف??قي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وف?? کي تجويز ڏي ٿو ته وطن واپسي ک??ن اڳ پاڪستان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪري ??ڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پاڪستان ۽ چين جي پراڻن لاڳاپن جو عمده مثال آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جنم ڏئي رهيون آهن. هن پاڪستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وف?? وزيراعظم کي پنهنجي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وف?? ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آهي. وف?? پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پاڪستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي منصوبن تي فني معاونت فراهم ڪندو. چيني وف?? لاڳاپيل پاڪستاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.
قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون