ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چي?? آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي ام??اد ڪري رهي?? آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي ام??اد ورهائي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 464989 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي ام??اد ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻ??ڏ متاثرن جي مالي ام??اد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو وي?? آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي هدايتن تي نادرا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻ??ڏ متاثر ضلعن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏي?? آهي ۽ هاڻ انهن متاثر علائقن ۾ به ٻ??ڏ متاثر جي مالي معاونت ڪئي پئي وڃي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں