اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمت?? وڻن جي واڍي جو سختي سان ??وٽيس وٺندي چي?? آهي ته انهن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، بلين ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قديم ۽ قيمت?? وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا وڻ کائي وئي، بلين ٽري ڪرپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستان ج?? وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، اطلاعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کان ??وري طور تي ان ??عاملي جي رپورٽ گهري آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪستان جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحفظ ??ي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، انهن جون عمرون ۽ انهن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن جي مدد نه ورتي وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان ??ڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معامل?? آهي، ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ وڻن جي واڍي جو سخت نوٽيس ورتو
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون