اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊا??ري??ٽر فهيم الله ڳجهي سرڪاري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري کي فراهم ڪئي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري کان بچي فرار ٿي ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته نيب عدالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اداري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊا??ري??ٽر فهيم الله کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهيم الله گرفتاري جي وارنٽ بابت معلومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊا??ري??ٽر رفيق احمد راڄپر کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم الله اها معلومات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊا??ري??ٽر يعقوب راڄپر کي ڏني، ي??قوب راڄپر معلومات رفيق راڄپر کي ڏني جنهن جي ڪري هُو موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ گرفتاري کان بچي ويو. انڪو??ئر?? کانپوءِ فهيم الله جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. صدر فهيم الله جي درخواست رد ??ري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برقرار رکيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چي?? ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ??رڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهيم الله کان ٿيندي رفيق راڄپر تائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار فرار ٿيو، فهيم الله، ي??قوب راڄپر ۽ رفيق راڄپر جي وچ ۾ رابطو به ثابت ٿي ويو. هن چي?? ته فهيم الله ۽ يعقوب راڄپر جي ٽيليفون جي فرانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چي?? ته فهيم الله جي اپيل رد ??ئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.
صدر پاران سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری