اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان ??ي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمران ??ان ??ي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ت?? عمران ??ڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ت?? صحافت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي تي نه رڳو عمران ??ان کي ”صحافت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان ??ي جمهوريت به بدنام ٿي. شهباز شريف چيو ت?? اسان ??ظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ته ??طلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 157 هين نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نم??ر 145 ۽ جڏهن عمران ??ان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.
ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمران خان جي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل