ا??لا?? آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن سوڊان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد ڪيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير مير بهروز ريڪي بلوچ کي بطور سفير نامزدگي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي استحڪام جي حوالي سان خصو??ي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سياسيت، واپار، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ سوڊان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سوڊان جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي جو ٿورو ادا ڪندي ان کي پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطر?? ڪرائي.
پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada