اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻي دور ۾ مريم نواز جي سرپرستي ۾ قائم مي??يا سيل جي ذريعي 15 کان 18 ارب روپيا ??حا??ين ۾ ورهايا ويا، قومي خزاني مان تقريبن 10 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا، هڪ پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري فنڊز کي هينڊل ڪرڻ سنگين جرم آهي، اشتهار هڪ حربو نه هو، ان کانسواءِ به اڳوڻي دور حڪومت ۾ ڪيترائي حربا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن، ان معاملي جي انڪوائري ڪري حقيقتون عوام جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي توانائي واري وف??قي وزير حماد اظهر به موجود هو، وف??قي وزير چيو ته مريم نواز جڏهن به ڳالهائيندي آهي ته اسان کي سٺي جي اميد هوندي آهي، الحمد الله مريم نواز اڄ مي??يا سال هلائڻ جو اعتراف ڪري پنهنجو ٽريڪ رڪارڊ برقرار رکيو آهي، هن چيو ته مريم نواز اعتراف ڪيو آهي ته هو مي??يا سيل هلائي رهي هئي، ان مي??يا سيل جي نشاندهي 2 نومبر 2015ع تي ڊان اخبار ڪئي هئي ته ان وقت وزيراعظم هائوس ۾ مريم نواز جي سرپرستي هيٺ اسپيشل مي??يا سيل جوڙيو ويو هو، هن چيو ته ان مي??يا سال ۾ پهرين 15 ميمبر هو، 20 ملين روپيا وڌيڪ ڀرتين لاءِ مختص ڪيا ويا، مي??يا سيل جي ميمبرن جو تعداد وڌائي 38 ڪيو ويو ۽ ان کي مي??يا جي سمورين مهمون هلائڻ جا اختيار ڏنيا ويا، وف??قي وزير چيو ته هڪ منظم طريقي سان ان بدنام زمانه سيل ??حا??ين کي خريد ڪيو، انهن ۾ رقم ورهائي جڏهن ته مخالف ??حا??ين کي سزائون ڏنيون ويون. هن چيو ته مريم نواز اعتراف ڪيو آهي ته هو ان ڪم جي نگراني ڪري رهي هئي، هن چيو ته مي??يا سيل جي منظوري سان 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3 هزار 902 روپيا وف??قي حڪومت جا خرچ ڪيا ويا، مريم نواز ڪجهه چئنلز جي نالا ورتا جن کي سزا ڏني وئي، ڪجهه جا نالا نه ورتا جنهن کي نوازيو ويو. هن چيو ته ن ليگ جي اڳوڻي دور ۾ ڪجهه ??حا??ين کي سزائون مليون، ??حا??تي تنظيمن ۽ ??حا??ي برادري جون اکيون کولڻ جي لاءِ کين ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪيئن نوازيو ويو ۽ ڪئين سزا ڏني وئي. چوڌري فواد حسين چيو ته 10 ارب روپين جي رقم صرف اسلام آباد جي ايڊورٽائيزمينٽ جي آهي، پنجاب جي ايڊورٽائيزمينٽ به گهڻي حد تائين مي??يا سيل ڪنٽرول ڪري رهيو هو، ان مي??يا سيل جي ذريعي تقريبن 15 کان 18 ارب روپيا ??حا??ين ۽ مختلف مي??يا سيل جي ذريعي جيڪو گورک ڌنڌو کيڏيو ويو ان جي سڀني کان وڏي شهادت اسان جي سامهون آئي آهي، ان معاملي تي اسان انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ ان جا تفصيل عوام ?? ميڊيا جي سامهون پيش ڪنداسين، هن چيو ته پرويز رشيد جي دور ۾ اطلاعات واري وزارت کي ڪٺ پت??ي بڻائي رکيو هو، سرڪاري رقم جي استعمال ۾ ڪنهن پرائيويٽ شخص جا اختيار ڪيئن استعمال ٿيا، ان جي تحقيقات ڪئي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ وف??قي وزير چيو ته ن ليگ جي خلاف عدالتن ۾ جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن اهي سادا ڪيس آهن ته اهي جائيدادون آهن، ان ۾ توهان رهي رهيا آهيو ۽ ان جا پئسا ڪٿان کان آيا؟ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 ۾ لکيل آهي ته پراپرٽيز جي مني ٽريل پيش ڪئي وڃي، جيڪڏهن نه ته اها ڪرپٽ پريڪٽس آهي، هن چيو ته ن ليگ مني ٽريل ڏيڻ بدران ان سلسلي کي روڪڻ چاهي ٿي، ن ليگ وٽ ثبوت آهن ته هو عدالتن ۾ پيش ڪري، عام ماڻهو به چاهي ٿو ته چورن کان پئسو واپس اچي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مريم نواز جو اعتراف ??حا??ين جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي هو ڪهڙي طرح ان تي پنهنجو موقف پيش ڪن ٿا، اسان ان معاملي جي انڪوائري ڪري مي??يا جي سامهون پيش ڪنداسين ته ڪهڙي طرح سرڪاري رقم جو غلط استعمال ڪيو ويو.
مريم نواز جي سرپرستي ۾ 15 کان 18 ارب روپيا صحافين ۾ ورهايا ويا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ