اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جي ??لانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي سينيٽ چ??ئرمين چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي صورت ۾ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، وڌيڪ وڻ هڻي اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪ??ي سگهون ٿا. هن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجن، ماحول دوست روين جي ??روغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان کي گهٽ ڪ??ي سگهجي ??و. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته عوام وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ حصو وٺي وڻ هڻي ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪري. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ موثر قانونسازي جي ??اءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪاربن جو خارج گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ پارليامينٽ هائوس شمسي توانائي سان بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيو آهي. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته هڪ اندازي موجب هن وقت پاڪستان جي رڳو 5.7 سيڪڙو زمين ٻيلن تي ٻڌل آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو اسان جو ماحول خوبصورت ٿيندو پر وڻ آڪسيجن جو اهم ذريعو به آهن. صادق سنجراڻي چيو ته تعليمي ۽ سماجي ڌرين سميت قومي وڻڪاري مهم ۾ انفرادي طور تي هر هڪ کي حصو وجهڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان کي سرسبز شاداب بڻائي سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران 2 سيپٽمبر 2018ع تي 10 بلين ٽ??ي سونامي مهم شروع ڪئي، پلانٽ فار پاڪستان 5 سالا منصوبي ۾ 2023ع تائين 10 بلين وڻ لڳائڻ جو هدف آهي.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará