اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪ??دي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا کي افغانستان جي خلاف پنهنجا اڏا اس??عمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اس??ن شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جا حامي آهيون، عالمي برادري ڀارت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير ??ان??ني وڪري جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ انساني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا پاران ايتري اهم واقعي کي نظرانداز ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪورس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائي??دي ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڪورس هيٺ 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪ??دي صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي اجا??ر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ ??ان??ن لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 بلين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. افغانستان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪ??دي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام سان سڀ کان وڌيڪ فائدو افغانستان کانپوءِ پ??ڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار سان سڀ کان وڌيڪ متاثر به پاڪستان ٿيو آهي، افغانستان ۾ جنگ پاڪستان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، صدر چيو ته پاڪستان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جو حامي رهيو آهي، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سان انساني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،
پاڪستان آمريڪا کي افغانستان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال