اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي اڻٽر حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آ??ي ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چين، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست مل??ن ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين خراج ??حسين پيش ڪريان ٿو، افغانستان ۾ امن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آ??ي، ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪستان جي مع??شي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آهن، حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ قوم جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سالن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 74 هين يوم جشن آزادي جي مرڪزي تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو.
والاريل ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania