اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آندي وئي آه??، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻو آه??، ان جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آه??، ماضي ۾ روايت رهي آه?? ته ڪميشن ٺهنديون رهيون پر رپورٽ سامهون نه ايندي هئي. هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪري ??لڪ پٺتي ويندو رهيو، تحريڪ انصاف احتساب جو نعرو هنيو ۽ ان تي پورو لهندي، اسان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ڪيو ته احتساب سڀني جو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان کنڊ جي معاملي تي پاڻ ڪميشن ٺاهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا