اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر ر??ب طيب اردوان چيو آ??ي ته پاڪستان جو ڏک اسان جو ڏک، پاڪستان جي خوشي اسان جي خوشي آهي، ترڪي ڪشمير مسئلي ج?? پرامن ۽ ڳالهين جي ذريعي حل جي موقف تي قائم رهندو، ڪشمير مسئلي ج?? حل طاقت يا ڏاڍ جي پاليسين سان نه پر انصاف ۽ حقيقتن جي اصولن سان ممڪن آهي، پاڪستان سان ازل کان جاري اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا قيامت تائين قائم رهندا، دهشتگردي ??ي خاتمي لاءِ اسان پاڪستان سان آئنده به تعاون جاري رکنداسين، سرحدون ۽ فاصلا مسلمانن جي دلين جي وچ ۾ ديوار نٿا بڻجي سگهن، سڄي دنيا جي مسلمانن جي ڏک درد ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف انهن جو ساٿ ڏيڻ اسان سڀني ج?? فرض آهي، اسان جو ايمان آ??ي ته ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آهي، مسلمان امت دهشتگردي، جنگين، مذهب پرستي، مفلسي ۽ غربت جي بار هيٺيان دٻيل آهي، پاڪستان ترڪي ۽ خوشحالي ج?? سفر طرف روان دوان آهي، اقتصادي ??رقي ج?? عمل ڏينهن ۾ نٿو ??چي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ??رڪ صدر ر??ب طيب اردوان چيو ته مون پاڪستان جي عوام جي معزز نمائندن جي موجودگي ۾ پنهنجي سمورن ڀينرن ۽ ڀائرن کي وڏي عزت ۽ احترام سان محبت جو سلام پيش ڪريان ٿو
پاڪستان جو ڏک اسان جو ڏک، پاڪستان جي خوشي اسان جي خوشي آهي: رجب طيب اردوان
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا