اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئلي کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 هين جنوري کان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف تقريبن جو ??عل??ن ڪندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشم??ري?? جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙ??ند?? ر??ند??، ڀارت ڪشمير جي گڏيل حل کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڀارت جي سمورين ڪوششن باوجود ڪشمير مسئلو ٻه ڀيرا سلامتي ڪائونسل ۽ ٻه ڀيرا آمريڪي ڪانگريس ۾ بحث هيٺ آيو، ڀارت طرفان جعلي آپريشن جو به خدشو آهي، ڀار?? پوري خطي کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، اطلاعات ۽ نشريات ??ي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميري قيد آهن، خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، 175 ڏينهن کان ڪشمير ۾ ڪرفيو جاري آهي ۽ سمورا بنيادي انساني حق معطل آهن، هن چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ اسان سنجيدگي سان ڏٺو ته حالتون تيزي سان بگڙجي رهيون آهن، ڀار?? پوري ڪوشش ڪئي ته معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ نه آڻي سگهجي پر 50 سالن کانپوءِ اسان ان مسئلي کي سلامتي ڪائونسل کڻي وياسين ۽ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائونسل ۾ ٻه ڀيرا ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ به ٻه ڀيرا بحث هيٺ آيو.
چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز