اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين پاڪستان جي تع??ير لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين پاڪستان جي تع??ير لاءِ استادن سميت معاشري جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نئين پاڪستان جو خ??اب غريب ماڻهن جي ڀلائي کانسواءِ پورو نه ٿو ٿي سگهي، نئين پاڪستان جو سج جلد اڀرندو. استاد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نئين پاڪستان جي تع??ير ۾ تعليم، تربيت ۽ سخت محنت جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف پرعزم آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هن وقت به 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جڏهن ته گهرن ۾ چائلڊ ليبر هڪ ڏوهه آهي ۽ گهرن تي ڪم ڪندڙ ٻارن ??ي اسڪولن ۾ هجڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا