اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ضمني چ??نڊن جي نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي قومي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي، پي ٽي آءِ حقيقي معنيٰ ۾ وفاق جي علامت بڻجي اڀري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ٽي وي چ??نلز ??ان ڳ??لهائيندي ڪيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي 11 مان 6 سيٽن تي پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته 2 سيٽن تي وڏو سخت م??اب??و آهي، ان لاءِ اسان جي لاءِ ضمني چ??نڊن جا نتيجا حوصلي جوڳا آهن. هن چيو ته سڀ کان حوصلي جوڳي ڳالهه اها آهي ته سمورن صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي نمائندگي نظر اچي رهي آهي ڇو ته چونڊن ۾ اسان سمورن صوبن مان کٽي آيا آهيون جنهن جو مطلب آهي ته پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي آهي جڏهن ته با??ي پارٽيون ته صوبائي پارٽيون آهن.
ضمني چونڊن جي نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن