مالي – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون. مالي ۾ صدارتي آفيس مالي ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران وزيراعظم جي معاونت پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، سينيٽر پرويز رشيد، پاڪستان ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جي صدر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عزت ?? احترام ۽ حقن جي تحفظ تي قائم آهن. وزيراعظم چيو ته سياحت، واپاري فروغ، اعليٰ تعليم ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ صلاحيت جي حوالي سان گڏيل مفادن جي ڪيترين ئ?? ياداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۾ مدد مل??دي. وزيراعظم اقتصادي تعاون جي اهميت تي خاص طور تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم ۽ مالديپ جي صدر جون وفدن جي سطح تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی