اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ ڪاميابي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي جيڪا آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر ظفر اقبال جهڳڙا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر چيو ته حڪومت جاري ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۽ ماڻهن جي معيار زندگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ضرورتن جي فراهمي سان گڏوگڏ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين ترقي يافته علائقن جي بر??بر آڻڻ جو عز?? ڪيو آهي. صدر عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي وقت سر واپسي ۽ بحالي جي لاءِ حڪومتي عز?? جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نقصان ۾ ويندڙ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي ۽ خطي ۾ معمول جي زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي مراعتون ڏنيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی