پاڪستان ۾ زراعت جي لاءِ انتهائي سازگار موسم آهي: وزيراعظم


APP39-260421 MULTAN: April 26 - Prime Minister Imran Khan distributes Kissan cards among farmers. APP

ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت جي لاءِ انتهائي سازگار موسم ۽ گرمي پد آهي ان مان پورو فائدو کڻنداسين، زراعت کي بهتر بڻائي 25 کان 30 ارب ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا، آبادگار ڪارڊ هڪ شاندار منصوبو آهي ان سان آبادگارن کي فائدو ٿيندو. ملتان ۾ آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي دور ۾ آبادگارن کي ڪڻڪ جي بهترين امدادي قيمت ڏني وئي جنهن سان کين 500 ارب روپيا وڌيڪ مليا آهن.

مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا

متعلقہ مضامین