صدر پاران پارليامينٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور


APP55-280122 ISLAMABAD: January 28 – President Dr Arif Alvi chairing a meeting on President’s Initiative on Cyber Efficient Parliament, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان ليس ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا منصوبي کي ترجيح ڏين ۽ وڌيڪ دير کان بچڻ لاءِ وقت سر فيصلا ڪن. هو ايوان صدر ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامينٽ بابت صدارتي قدمن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پراجيڪٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس کي منصوبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ شامل مختلف عمل جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي هڪ مقرر وقت جي اندر منصوبي کي عمل جامو پارائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، پراجيڪٽ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اي سلوشنز پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي نمايان طور تي وڌائڻ سان گڏوگڏ قانونسازي جي ڪم کي فوري طور تي اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته شفافيت آڻڻ ۽ گورننس ۽ سرڪاري ادارن جي جوابدهي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري کاتن جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک

متعلقہ مضامین