صدر پاران مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو


اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مڪتبه فڪر جي 14 عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب صدر عارف علوي ڪورونا جي خاتمي جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته رمضان المبارڪ دوران عالم سڳورا پنهنجي پنهنجي اثررسوخ وارن علائقن ۾ ڪورونا جي خاتمي جي تدبيرن تي خاص طور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان تعاون جي تلقين ڪن.

مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری

متعلقہ مضامین