ڪورونا سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي تائين جو سفر!!


صنم جوڻيجو

تمام گهڻي عرصي کانپوءِ جڏهن ڪيترن ئي شهرن جو چهرو صاف ٿي ڏسجڻ لڳو هو ته ڪورونا وبا کان وڌيڪ ماحولياتي مسيحا لڳڻ لڳي هئي، جتي ڪيتريون ئي زندگيون ضايع ٿي ويون اتي ڪروڙين ماڻهن جي لاءِ خوبصورت ماحول جي فراهمي به ممڪن ٿي، مان هڪ پل جي لاءِ سوچيندي آهيان ته لکين ماڻهن جي قربانين تي ڳوڙها وهايا يا زندگين کي خوبصورت ۽ صاف سٿرو ماحول فراهم ٿيڻ تي ڪنهن اونچي چوٽي تي بيهي ڪري خدا جو شڪر ادا ڪريان ۽ زور زور سان تاڙيون وڄايان، خبر آهي ماڻهو منهنجي ان عمل تي طعنو ڏيندا ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٺاهيندا پر جڏهن هو گهر مان نڪري ڪري صاف هوا ۾ ساهه کڻندا ته مون سان گڏ ملي ڪري تاڙيون وڄائيندا ۽ مون کي يقين آهي ته اها دنيا هڪ نه هڪ ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کي شهيد ماحوليات چوندي جيڪي ان وبا جو شڪار ٿيا ۽ جنهن جي ڪري دُنيا ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ۽ ڪيترن ئي شهرن جا چهرا ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ ڏٺا ويا.

ماهرن موجب صنعتن ۾ ڪورونا وبا جي دوران سرگرميون گهٽ هئڻ جي سبب سان صنعتي شعبي ۾ پاڻي جي کپت تقريبن گهٽ ٿي وئي، هوٽل ۽ هيلٿ ڪلب به پوري صلاحيت سان ڪم نه ڪري رهيا هُئا ان لاءِ پاڻي جي ستعمال ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي ماڻهو هوٽل ۽ ريسٽورينٽ جي مقابلي ۾ گهر ۾ پاڻي سان گڏ وڌيڪ ڪارآمد ٿيا آهن ۽ پاڻي جي انهي بچت کي زرعي شعبي ۾ استعمال ۾ آندو ويو جنهن جي ڪري موسمياتي تبديلي ۾ ڪافي حد تائين بهتري نظر آئي. ماهرن موجب ڪارخانن ۽ سفر جي لاءِ ٻارڻ ۾ طلب جي گهٽتائي جي ڪري به وبائي امراض ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي نظر آئي، ڇاڪاڻ جو اهو ٻارڻ ڌنڌ جي سڀ کان وڏي وجهه آهي، پاڪستان ۾ آبي آلودگي جي سبب سان لاهور ۽ ڪراچي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٻارڻ جي آلودگي، جانورن، ڪيڙن ۽ جهنگلي جيوت تي انهن جي اثرن کانسواءِ ٻارڻ جي آلودگي آبپاشي جي لاءِ پاڻ کي غير موزون ٺاهي سگهي ۽ آبپاشي جي نظام کي نقصان پهچائي سگهي ٿي.
ٻيلن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هو شروع کان ئي انسان لاءِ نعمت جو باعث رهيا آهن ان کانپوءِ انساني آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ ان جي ضروريات زندگي به وڌندي وئي، ڳالهه ٿي رهي آهي قدرت جي نظام جي. قدرت جي ان نظام جو هڪ حصو فطرت جو حسين هجڻ به آهي ۽ فطرت جي ان حسن کي برقرار رکڻ لاءِ جتي الله تعاليٰ ٻيا لوازمات پيدا ڪيا اتي ئي وڻ به پيدا ڪيا، گل ڦل پيدا ڪيا، قدرت جي ان نظام کي نابود ڪرڻ انسان لاءِ تمام خطرناڪ آهي. جڏهن به اسان وڻن کي دنيا کان الڳ ڪري نهايت غور سان ڏسنداسين ته پوري دنيا هڪ ويراني وانگر نظر ايندي جيڪڏهن دنيا جي نقشي تي نظر وڌي وڃي ته اسان کي معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ اهي ملڪ وڌيڪ غربت جو شڪار آهن جتي ٻيلا نه آهن يا ضرورت کان تمام گهٽ آهن انهن ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ٿينديون آهن اسان جي سامهون ڪيتريون ئي اهڙيون مثالون موجود آهن جنهن سان اسان سبق حاصل ڪري قدرت جي ان عطئي کي برقرار رکي سگهون ٿا، اهي وڻ آبهوا کي معقول رکندا آهن ۽ انسان جي لاءِ اهڙو ماحول فراهم ڪندا آهن جنهن جي ڪا مثال نٿي سگهي اهي وڻ موسمياتي تبديلين تي اثر انداز ٿيندا آهن ۽ انهن ٻيلن جي خاتمي جو سڀ کان وڏو سبب اسان جي ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ به آهي جنهن جي سبب سان ٻيلن جو خاتمو ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جيڪي پاڻي جي کوٽ کي به موسمياتي تبديلين جو سبب مڃيندا آهن، ان حوالي سان سڄي دنيا کي گلوبل وارمنگ ۽ ٻين موسمياتي چئلينج درپيش آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڀ کان موثر طريقو پاڻي جو بهترين استعمال آهي جڏهن به توانائي جو بحران ٿيندو آهي خاص طور ٻارڻ جي لاءِ مٽي جو تيل ۽ ڪوئلو ميسر ناهي هوندو ته ان وقت وڻ اسان جي ڪم ايندا آهن ۽ اهڙي طرح اسان جا چلهه به وسامي ناهن سگهندا، هڪ نقصان اهو به ٿيندو آهي ته جيڪڏهن وڻ نه هجن ته اسان ٻارڻ جي طور تي ڇيڻو ٻاريندا آهيون، ڇيڻو عام طور تي فصلن ۾ ڀاڻ جي طور تي استعمال ٿيندو آهي، جنهن سان زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو آهي، وڻن جي نه هجڻ سان اسان اضافي زرعي پيداوار کان محروم ٿي ويندا آهيون، گذريل ڪجهه سالن ۾ توانائي جي بحران جيڪا دنيا جي حالت ٺاهي ان کي آساني سان وساري نٿو سگهجي ۽ آئنده اهڙين حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سائنسدان ان باري ۾ سوچي رهيا آهن ته سمنڊ ۽ وڻن جي بدولت ڪهڙي طرح توانائي جي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ۽ وڻن کان ڪيئن توانائي حاصل ڪئي وڃي. انٽرنيشنل واٽر مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جي ڪميونيڪيشن اسپيشلسٽ امجد جمال ڪرونا وبا کي موسمياتي تبديلي تي سٺا اثر پوڻ جو اشارو ڏنو آهي، سندس چوڻ هو ته ڪورونا وبا جا ڪجهه خراب اثر به ڏسڻ ۾ آيا اهن، جيئن ته لاڪ ڊائون دوران وڌندڙ هوم ڊليوري ۽ آن لائين شاپنگ ۾ اضافو نظر آيو جنهن جي لاءِ پلاسٽڪ جي تمام گهڻي پيڪيجنگ جي ضرورت هوندي آهي ۽ دڪاندارن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاغذي ٿيلهن بدران انهن پلاسٽڪ بيگس جو استعمال ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو جيڪو وبائي امراض جو سڀ کان وڏو سبب آهن، امجد جمال جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا دوران سرجيڪل ماسڪ، باڊي بيگز، حفاظتي آلات ۽ دستانن جي پيداوار ۾ رڪارڊ حد تائين اضافو نظر آيو، اهو تمام گند جنهن کي ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ وڏو ڏکيو مرحلو آهي جيتوڻيڪ ان گند ڪچري کي صحيح طريقي سان ضايع نه ڪيو وڃي ته اهو هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويندو جنهن جو سڌو سنئون اثر ماحول تي پوندو، هن جو چوڻ هو ته 80 لک ٽن ڪچرو ساليانو سمنڊ ۾ اڇليو ويندو آهي ۽ اها شرح هر گذرندڙ سال سان گڏ وڌيڪ وڌي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي ڪيترن ئي محاذن تي سخت متاثر ٿيندي آهي، اسان کي گرين هائوس گئسز جي اخراج کي وڏي پئماني تي گهٽ ڪرڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي محدود حد تائين گهٽ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جنهن جي سبب سان گرمي پد، برساتن ۾ اضافو ۽ ڪيترن ئي بيمارين جي خطري کي محدود ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.
انٽرنيشنل واٽر مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر جنرل مارڪ سمٿ جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي پاڻي جي حفاظت تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي جيترو پهرين ڪڏهن نه هو، پاڻي جي وسيلن تي دٻاءُ تبديل ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو آبادي ۾ اضافي سان تازي پاڻي جي في ڪس دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته زراعت جي لاءِ پاڻي جي وڌندڙ طلب ۽ شهرن جي پکيڙ سان به پاڻي جي گهرج ۾ اضافو ٿيندو آهي، هن چيو ته اسان جيڪو خراب پاڻي ضايع ڪندا آهيون ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو، اسان کي موسمياتي تبديلي جي لاءِ جاڳڻو پوندو، اسان کي اهو واضح ڪرڻو پوندو ته موسمياتي تبديلي پاڻي جي تبديلي آهي ۽ ان سبب سان پاڻي جي حفاظت ڪڏهن به ايتري اهم يا وڌيڪ ضروري نه رهي. سمٿ ٻڌايو ته پاڪستان ۽ سنڌ طاس کي اهي ئي چئلينج درپيش آهن پاڪستان۾ پاڻي جي انتظام جي لاءِ هڪ تبديلي جي سفر جو آغاز ٿيڻ گهرجي ته جيئن غريب ۽ پوئتي پيل ڪميونٽيز ۽ پاڪستان جي سڀني ماڻهن جي حفاظت ڪري سگهجي.
آءِ ڊبليو ايم آءِ جي ڪنٽري نمائندي ڊاڪٽر محسن حفيظ ٻڌايو ته پاڪستان کي 2035ع تائين پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي تناظر ۾، ڪووڊ – 19 پاڻي جي فراهمي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو، پاڪستان کي 2047ع ۾ پنهنجي سوين سالگرهه جي موقعي تي هڪ اعليٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ترقياتي سيڙپڪاري ۽ پاليسين کي تحقيق جي ذريعي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، مفروضن تي ڪجهه نٿو ٿي سگهي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اهي مفروضا کڻي ڪيترائي قابل فهم هجن.
ڊاڪٽر محسن حفيظ چيو ته بهترين عالمي سائنسي طريقيڪار ۽ مستقبل جي سيڙپڪاري لاءِ رهنمائي فراهم ڪندو آهي ته جيئن سنڌ طاس ۾ آبهوا جي لاءِ وڌيڪ لچڪدار پاڻي ۽ زميني حل تيار ڪيو وڃي، هن چيو ته ڊجيٽل خرچن، موسمياتي لچڪدار حل، فطرت تي ٻڌل حل ۽ پاڻي جي تناظر ۾ عورتن جي قيادت ۽ ميڊيا جي ڪردار تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. بنيادي مقصد مختلف شعبن جي مسابقتي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملين جي نشاندهي ڪرڻ، آبهوا جي تبديلي کي نظر ۾ رکندي پائيدار پاڻي جي انتظام جي حڪمت عملين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وڻ قدرت جو تحفو نه پر معجزو آهن، ان جي پن جي چوٽي کان وٺي پاڙ جي آخري حصي تائين ان جو هر هڪ حصو ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪارآمد آهي ۽ ان جو اهميت جو ڪو به ثاني نه آهي اهو قدرت جي هڪ عظيم نظام تحت سرگرم عمل رهندو آهي جنهن جو مقصد صرف ۽ صرف انسانيت جي خدمت آهي. ايتري ترقي جي باوجود دنيا اڃان تائين وڻن جي ڪيترن ئي فائدن کان اڻ ڄاڻ آهي، اچو اهو وچن ڪريون ته قدرت جي ان شاندار تحفن ۽ وفادار ساٿين لاءِ ڪجهه ڪريون، ائين نه ٿئي ته آخر ۾ هو اسان سان شڪوه ڪن ته اسان انهن جو ساٿ نه ڏنو. (هي مضمون انڊس ارٿ ٽرسٽ جي ٿورن سان ڇاپيو ويو)

متعلقہ مضامین