پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات


APP53-140122 ISLAMABAD: January 14 – Chief of Staff of Land Forces Democratic Republic of Congo Lieutenant General Asinda Fall called on Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi at the ministry of Foreign Affairs. APP

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف، ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقتصادي، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزسير چيو ته براعظم آفريقه ۾ جمهوريه ڪانگو کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حاصل آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران جمهوريه ڪانگو جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چيئرپرسن فيلڪس انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قيادت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ڪانگو ۾ پرامن جمهوري حڪومت جي منتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير جمهوريه ڪانگو جي پرڏيهي وزير ڪرسٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي پاليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ڪانگو جي ڪردار جو معترف آهي، ڌرين جي وچ ۾ دفاع، تربيت، سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي مشن تحت جمهوريه ڪانگو ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال ڪانگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن

متعلقہ مضامین