اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جو سڌارن تي فوڪس نه آهي، اسان چونڊ سڌارن، نيب چيئرمين جي مقرري ۽ عدالتي سُڌارن جهڙن وڏن معاملن تي مخالف ڌر سان گڏجي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، سڌارن کان وڌيڪ مخالف ڌر جي خواهش حڪومت ڪيرائڻ جي رهي، پهرين ڏينهن کان اهي انهي ڪوشش ۾ لڳل رهيا ۽ چار سال گذاري ڇڏيا، مريم نواز جي ڳالهين تي هاڻي انهن جا ٻار به کلن ٿا، ميڊيا ادارن جي آمدني جي حوالي سان انگ اکر غلط آهن ته ميڊيا مالڪ پنهنجا اڪائونٽس اوپن ڪري ڇڏين، اومي ڪرون ڪيسيز جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، موجوده ڪيسز 5 هزار ڏهاڙي تائين پهچي ويا آهن، ويڪسين لڳائيندڙ اوميڪرون کان گهٽ متاثر ٿين ٿا، بدقسمتي سان سنڌ ويڪسي نيشن ۾ سڀ کان پٺتي آهي، ڪراچي ۾ اوميڪرون جا ڪيسز تمام وڌيڪ آهن، اسڪولن جا ٻار وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، حڪومت ٻه بلين ڊالر کان وڌيڪ جي ويڪسين درآمد ڪري پنهنجي شهرين کي لڳائي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ وڏو حصو دوائن جي درآمد آهي، رڳو ويڪسين جي درآمد تي ٻه بلين ڊالر خرچ ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا کي ملڪ ۾ اوميڪرون جي ڦهلاءُ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. موجوده ڪيسز جو انگ وڌي 5 هزار ڏهاڙي، هاسپٽلائيزيشن ريٽ 2.5 سيڪڙو ۽ آءِ سي يو ريٽ ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن چيو ته ڪابينا اوميڪرون کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز، ماسڪ جي استعمال ۽ ويڪسي نيشن مڪمل ڪرڻ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو تنهن هوندي به ڪابينا ان عزم کي ورجايو ته حڪومت اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪندي جنهن سان ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين کي نقصان پهچي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ ڪاميابي سان روزگار جي فراهمي ۽ ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. حڪومت ٽيڪنالاجي شعبي جي ترقي جي لاءِ وڏن منصوبن ۾ وڏي رقم خرچ ڪري رهي آهي جنهن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته قومي اسيمبلي ۾ موثر قانونسازي ۽ ملڪي ترقي ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪابينا حڪومتي ميمبرن ۽ وفاقي وزيرن کي پارليامينٽ ۾ پنهنجي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل معيشت جي بهتري ۽ اسٽرڪچرل ريفارمز جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. آمريڪا ۽ برطانيا جي سينٽرل بئنڪ پاڪستان کان وڌيڪ طاقتور آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ جو بورڊ آف گورنرز سمورا اهم فيصلا ڪندو ۽ بورڊ جا ميمبر پاڪستان حڪومت نامزد ڪندي. هن چيو ته هي بل هاڻي سينيٽ ۾ آيو آهي، ان کي جلد کان جلد منظور ڪرائي وٺنداسين. هن ٻڌايو ته گذريل حڪومتن ۾ به اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري جي لاءِ ترميمون ڪيون ويون. ان کانسواءِ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي حوالي سان فيصلاسازي ۾ قومي سلامتي ۽ معاشي بحالي جي سمورن رخن کي نظر ۾ رکيو ويو. ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا سفارش ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ميمبرن ۽ عهديدارن جي مقرري ڪرڻ وقت ڪانفليڪٽ آف انٽرسٽ جي رخن کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن يچو ته وفاقي ڪابينا کي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران ڀاڻ جي پيداوار جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هلندڙ سال ملڪ ۾ ڀاڻ جي پيداوار پاڪستان جي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي رهي. يوريا جي ذخيره اندوزي جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا ويا. هن ٻڌايو ته 5 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي ڪڻڪ جي پوکي ٿي، عالمي سطح تي ڀاڻ جي قيمت پاڪستان کان ڇهوڻ تي وڌيڪ آهي، جڏهن عالمي منڊي ۾ ايترو وڏو فرق هجي ته ان ۾ ڀاڻ جي غلط استعمال جو عنصر پڻ درپيش رهي ٿو. هن وقت ڀاڻ جي مارڪيٽ تي دٻاءُ آهي، پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ ڀاڻ ميسر آهي، آبادگارن کي به دستياب آهي، انشاءَ الله هن ڀيري ڪڻڪ جي به بمپر پيداوار ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ۾ بجلي جي پهچ نظام جي بهتري لاءِ قدمن تي پڻ غور ٿيو. ڪابينا کي بجلي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ لاسز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا بجلي چوري ڪندڙن ۽ کاتن ۾ موجود انهن جي مدد ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت جاري ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هي پهريون سال هوندو جڏهن اسان جي سرڪلرڊيٽ ۾ نمايان گهٽتائي اچڻ شروع ٿي آهي. ان کان اڳ سرڪلرڊيٽ جي وڌڻ ۾ گهٽتائي اچي رهي هئي، هن سال سرڪليٽ ڊيٽ ۾ گهٽتائي ايندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ۾ پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ گرين ايرياز جي تحفظ، قبضا مافيا کان زمينون آزاد ڪرائڻ ۽ وڻن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 2018ع تائين گرين ايرياز ۽ وڻن جي انگ ۾ واضح گهٽتائي ٿي. 2018ع کانپوءِ حڪومتي قدمن جي ڪري اسلام آباد ۾ نه رڳو وڻن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، گرين ايرياز کي بحال ڪيو ويو پر قبضا مافيا کان سرڪاري زمين آزاد ڪرائي وئي. هن چيو ته وزيراعظم سمورن وڏن شهرن جو ماسٽر پلان جلد مڪل ڪري ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ شهري آبادين ۾ گرين ايرياز ۽ وڻن جو انگ وڌائڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي گاڏين جي امپورٽ ۾ ڪوويڊ 19 جي ڪري دير جي معافي جي منظوري ڏني. ان منظوري کانپوءِ انهن 5 عدد گاڏين کي 10 ڏينهن جي اندر پورٽ تان ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪري ڪليئر ڪيو ويندو جيڪي گذريل ڏيڍ سال کان پورٽ تي بيٺل آهن. هن ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا رولز آف بزنس 1973ع ۾ ترميم جي اجازت ڏني. ان ترميم کانپوءِ وفاقي وزارتن ۾ سيڪريٽري کانسواءِ ٻين اعليٰ عهديدارن کي به پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر مقرر ڪري سگهبو. هن ٻڌايو ته ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ کي 20 – 2019ع جي 6 مهينن جي آڊٽ کان ڇوٽ ڏني وئي ۽ ڪي پي ايم جي کي ڇهين سال جي لاءِ 2021ع جي آڊٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا آبادگار سپورٽ سروسز لميٽيڊ ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي جاءِ کي ٻيهر مشتهر ڪرڻ جي سفارش جورڻ جي هدايت جاري ڪئي. هن چيو ته گهرو وزارت ويزا جي مدي کان وڌيڪ پاڪستان ۾ موجود پرڏيهي رهواسين کي پاڪستان مان نڪرڻ جي مدي ۾ واڌ جي سمري واپس وٺي ڇڏي. ان کانسواءِ ڪابينا پاڪستان ايسنشل سوسز ايڪٽ 1952ع تحت مجاز آفيسرن جي نوٽيفيشن جي منظوري ڏني. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گهرو وزارت جي سفارش تي ڪابينا(United Nation Convention against Transnational Organized Crime Protocol (UNTOC) جي Protocol to Prevent, Suppress and Punish Trafficking in Person, Especially Women and Children (Trafficking Protocol) جي توثيق جي منظوري ڏني. ان توثيق سان غيرقانوني هيومن ٽريفڪنگ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي. وڌيڪ اهو ته ڪابينا Protocol against the Smuggling of Migrants by Land, Sea and Air (The Smuggling Protocol) جي توثيق جي فيصلي جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي ڪراچي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ٽن مهينن جي لاءِ پورٽس اينڊ شپنگ ونگ ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل کي ڏيڻ جي منظوري ڏني. هن چيو ته ڪابينا ثقافتي اظهار جي تنوع جي حفاظت ۽ ترويج بابت يونيسڪو جي 2005ع جي ڪنوينشن جي توثيق ڪرڻ بابت قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي سمري جي منظوري ڏني. ان کانسواءِ ڪابينا پاڪستان ريلويز فريٽ ٽرانسپورٽيشن ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ عبدار خان، نويد ارشد، فرخ شوڪت انصاري ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فاخره رضوان شامل هوندا. هن ٻڌايو ته ڪابينا ريلوي ڪنسٽرڪشن پاڪستان لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي پڻ منظوري ڏني. بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ اعظم عادل شيخ، شاهد عزيز، فريدالدين احمد، صاحبزاده منصور علي ۽ ارشد فاروق شامل هوندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران ريگيوليٽري اٿارٽيز جي آڊٽ جي لاءِ قائم ڪيل فيصلاساز ڪميٽي جي حتمي فيصلي اچڻ تائين آڊٽ جي اجازت کي ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪابينا شفافيت جي لاءِ آزاداڻي آڊٽ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي سالياني رپورٽ 21 – 2020ع ۽ اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2021ع پڻ پيس ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته 24 سالن ۾ پهريون ڀيرو نيپرا جون رپورٽون وقت سر تيار ٿيون. اسان وٽ ڪل انسٽالڊ ڪيپيسٽي 39 هزار 772 ميگاواٽ آهي، ان جي سرڪلرڊيٽ ۾ هن سال پهريون ڀيرو گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. هن چيو ته نيول گالف ڪورس تي جيستائين عدالتي فيصلو معطل نه ٿو ٿئي ان وقت تائين حڪومتي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ جي پابندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيب جو قانون اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اسان مخالف ڌر سان وڏن معاملن تي گڏجي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته چونڊ سڌارن، نيب چيئرمين جي مقرري ۽ جوڊيشري ريفارمز تي مخالف ڌر سان گڏجي اڳتي وڌون پر مخالف ڌر جي ليڊرشپ جو فوڪس ان تي نه آهي، انهن جي اسان جي حڪومت جي پهرين سال ئي اها خواهش رهي ته اسان 6 مهينن کانپوءِ حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين ۽ انهي چڪر ۾ هنن چار سال گذاري ڇڏيا، اهي اڳتي به ائين ئي هلندا رهندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ پورو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان تي ڪيترن ئي ماڻهن احتجاج ڪيو، اخبارن جي فرنٽ پيجز تي ان جي خلاف لکيو ويو. هن چيو ته ميڊيا ادارن جي آمدني جا انگ اکر غلط آهن ته اهي پنهنجا اڪائونٽس اوپن ڪن ته جيئن ميڊيا ورڪرز به ڏسي سگهن ته انهن جي اداري جي آمدني ۽ خرچ ڇا آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مريم نواز جي ڳالهين تي هاڻي انهن جا ٻار به کلن ٿا.
مخالف ڌر جو سڌارن تي فوڪس نه آهي، اسان چونڊ سڌارن، نيب چيئرمين جي مقرري ۽ عدالتي سُڌارن جهڙن وڏن معاملن تي مخالف ڌر سان گڏجي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر