صدر پاران ورچوئل يونيورسٽي کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين پُهچ وڌائڻ جي هدايت


APP44-040122 ISLAMABAD: January 04 – President Dr. Arif Alvi being briefed about Virtual University at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ پنهنجي موجودگي وڌائي، ورچوئل يونيورسٽي جي دائري ڪار ۾ اضافي سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪورسز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي سگهندا. مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لائين تعليم ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ورچوئل يونيورسٽي جو ريڪٽر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيورسٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني جيڪا نمايان ڪاميابي آهي. يونيورسٽي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي تعليم جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ڪورسز ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. صدر ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب

متعلقہ مضامین