پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي


APP24-311221 KARACHI: December 31 - President Dr. Arif Alvi chairing a meeting on Pakistan Quarters at Governor House on Friday. APP photo Syed Abbas Mehdi

ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم ناهي ٿيو، حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪوارٽرز بابت گورنر هائوس سنڌ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، گهر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي بنيادي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم نه ٿيو. هن چيو ته حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڪوارٽرز ڪراچي جي قابل عمل حل تي هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۽ وفاقي ڪابينا کي ساراهيو. صدر کي گذريل اجلاسن جي دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي عملدارن به شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا

متعلقہ مضامین