وزيراعظم سان پنجاب جي راندين واري ۽ ٻيلن واري وزير جي ملاقات


APP55-311221 LAHORE: December 31 - Punjab Minister for Forests Muhammad Sibtain Khan called on Prime Imran Khan. APP

اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي راندين واري وزير راءِ تيمور ڀٽي ۽ ٻيلن واري وزير سبطين خان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي راندين ۽ ٻيلن جي کاتن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. جمعي تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ٻنهي کاتن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي لاڳاپيل وزيرن کي هدايت ڪئي ته هو راندين جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۽ وڻڪاري ۽ ٻيلن جي واڍي کي روڪي موسمياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو

متعلقہ مضامین