لاڙڪاڻو – 24 ڊسمبر (اي پي پي)سڄي دنيا سميت لاڙڪاڻي ?? به ڪالهه بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ول??دت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. تفصيل مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پياري نياڻي، خاتون جنت، حضرت علي رضه جي گهرواري ۽ امام حسن ۽ امام حسين رضه جن جي والده ماجده بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ول??دت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ شھر جي انجمن پنجتني کچي امام بارگاه ۽ امام بارگاه جعفريه سميت مختلف امام بارگاهن مسجدن ۾ ول??دت باسعادت جو جشن ملھايو ويو. ڪي?? ڪاٽيا ويا، عالم سڳورن ۽ ذاڪرين بي ??ي سيده فاطمة الزھراء رضه جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ لاڙڪاڻي جي مشھور قصيدہ خوانن سائڻ بي بي فاطمه الزهراء جي شان ۾ قصيدا چيا آخر ۾ علماء ڪرام پاڪستان ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا خير گھري وئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار