اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انتشاري ٽول?? جي ويندي ئي مثبت رجحان واپس آيو، ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪ??ڻ جي ??اڪ??م ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان سنگ ميل کي عبور ڪرڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪار?? جي فروغ جي لاءِ مصروف عمل عملدارن کي خراج تحسين ڪندي چيو ته مُون پنهنجي قوم سان وچن ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترق?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس. هن چيو ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي قرباني ضايع نه وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪ??ڻ جي ??اڪ??م ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائ?? جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، وياج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪي ترق?? جي لاءِ ائين ئي محنت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحال?? جي دشمنن کي پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل