اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قزاخستان جي وز??راعظم اولزاس بيڪ تينوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي لاڀائتي ملاقات ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وز??راعظم چيو ته ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت، دفاع، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ سرڪاري وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وز??راعظم چيو ته هن قزاخستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان ۽ قزاخستان جي لاڳاپن جي روشن مستقبل جي لاءِ پراعتماد آهيون.
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil