اسلام آباد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )واپار واري ??فاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ ٻيون سهولتون ??راهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي مقامي ??وٽل ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . واپار واري ??فاقي وزير سعودي عرب کان آيل ڪاروباري ??اڻهن، ڪمپنين ۽ ٻين سعودي اختيارين ج?? شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل ثقافت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري شراڪت داري ??ائم آهي . ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻي مصنوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت واپار واري ??زارت ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. واپار واري ??زير چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عرب کي خدمتون ??راهم ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي مان پڻ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان فيبروري 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ عوام کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار ۾ اضافي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج