اسلام آباد-16 سي??ٽم??ر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي، آئ??ني حدن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا، ڄاڻايل آئ??ني ترميمن جو انداز ميثاق جمهوريت جا دستاويز آهن، انهن ترميمن کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄاڻايل ترميمون آئ??ني معاملن کي متوازن بڻائڻ آهي. ڄاڻايل آئ??ني ترميمن جو انداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثاق جمهوريت آهي. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. انهن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿي وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئ??ن جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميمن جي تجويز آهي. آئ??ني عدالت جي ضرورت جو ذڪر به ميثاق جمهوريت ۾ آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئ??ني عدالتون موجود آهن. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آهن. عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪوشش ۾ اسان جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري جو طريقيڪار بڻايو ويو آهي. اسان آئ??ن موجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار ک?? اثرائتو بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسان جو حق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ گهرجي. آئ??ن پارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسان جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثاق جمهوريت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لاءِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آهي. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو انهن تجويزن سان اختلاف نٿو ڪري سگهي. اسان آئ??ن کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثاق جمهوريت سان مطابقت رکندو هجي.
پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado