اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪ?? جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاو?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن م??مد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سعودي عرب ويجهو دوست آهي، پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن م??مد چيو ته سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي تما?? گهڻي اهميت ڏين ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط حصيداري آهي. هن چيو ته ٻنهي ملن کي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صلاح بن م??مد سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته شهزاده محمد بن سلما?? جي شروع ڪيل سڌارن سان سعودي عرب ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. صدر آصف علي زرداري شهزاده محمد بن سلما?? جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته مسجد نبوي ﷺ جي امام جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ان موقعي تي پاڪستا?? جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي.
مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا