اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اس??ن جي ذميواري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي جبري برطرفين جي حوالي سان پيمرا چيئرمين سان پڻ ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اج??اس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان مسئلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سان پڻ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون تحت جيڪي به قدم ممڪن ??يا، اسان کڻنداسين، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي جيڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرائڻ اس??ن جي ذميواري آهي. ان کان اڳ سينيٽ اج??اس دوران صحافين سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفين جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو هو.
صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن