اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن ک?? آبادگارن ک?? حڪومتي رعايتي قيم?? تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو ??ستحصال ڪندڙن ک?? معاف نه ڪيو ويندو، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي ??اء?? هجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ ۽ قيم?? تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي تازي پيداوار، طلب ۽ آبادگارن ک?? فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۽ اسٽاڪ ڪڻڪ جي تازي فصل جي ??اء?? ڪافي آهي جڏهن ته بفر اسٽاڪ جي ??اء?? 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين ک??پ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آبادگارن ک?? حڪومتي رعايتي اگهن تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي ??اء?? سمورن صوبن جي ڪابينا ۾ سموريون جلد منظوري جي ??اء?? پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن ک?? يوريا ڀاڻ جي حڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي ذخيره اندوزن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني بڻائي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو ??ستحصال ڪندڙن ک?? معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ تي حڪومتي سبسڊي آبادگارن جيڪي ان جا صحيح مستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ??اء?? حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃي، صنعت واري وزارت ۽ غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن ک?? يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي ??اء?? ڪاررواين ۾ معاونت يقيني بڻائي، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي ??اء?? هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. هن هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڀاڻ جي آبادگارن ک?? حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ڀاڻ تي سبسڊي جو ??ار سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي تناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? صوبن ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشاورت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃي.
نگران وزيراعظم پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام