اسلام آب??د ?? 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪست??ن اسرائيلي جارحيت کان متاثر غزه جي ماڻهن جي لاءِ امداد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب غزه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌنڌ اسرائيلي جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي غزه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي انس??ني امداد جي فوري ضرورت آهي. بيان موجب غزه ۾ ٿيندڙ انس??ني الميي جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انس??ني بنيادن تي امداد غزه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت فلسطيني هلال احمر سوسائٽي، گڏيل قومن جي ل??ڳا??يل ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪست??ني مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ