گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ??ريعي حل ڪري. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اجلاس جي ??ربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني عوام جي ??ندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي ??ارحيت، فضائي حملا، بستين جي ??وسيع، فلسطينين جي ??ي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل پاران آبادڪاري جا قدم آهن جيڪا عالمي قانون جي ??لاف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳالهين جي لاء?? سازگار ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو ويزن وچ اوڀر جي ??مورن ماڻهن جي لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.
عالمي برادري اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina