اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي اتساهيندڙ مذ??بي نفرت جي خاتمي جي ع??وان ??ان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن او آءِ سي پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ڪ??ي. ??ن چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، سموريون مذ??بي علامتون، مقدس شخصيتون ۽ آسماني ڪتاب سمورن عقيدن جي پيروڪارن جي لاءِ هڪ جهڙا مقدس آهن. وزيراعظم چيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي قرآن پاڪ کي ساڙڻ جهڙي ڪڌن ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي سرعام بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته مذ??بي رواداري، تڪثيريت ۽ سمورن عقيدن جي احترام جي گڏيل قدرن جي تحفظ جي عزم تي اتفاق راءِ سان ??نسانيت جي بهتر خدمت ٿئي ٿي.
پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي اتساهيندڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania