لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظا??ر ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ا??ف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ا??ف جي مئنيجنگ ڊ??ئر??ڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي صبح سوير ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم ۽ آءِ ايم ا??ف جي مئنيجنگ ڊ??ئر??ڪٽر آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ا??ف جي مئنيجنگ ڊ??ئر??ڪٽر وزيراعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي ڏس ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوشش?? جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم اميد ظا??ر ڪئي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ا??ف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايم ا??ف جي مئنيجنگ ڊ??ئر??ڪٽر وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿا. هن وزيراعظم شهباز شر??ف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.
آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي، معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ