اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي س??هي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عمران نيازي جي نئين چال جي پٺيان بُرن ارادن بابت ڪير غلطي نه ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ”حقن جي خلاف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بني??د الزام هڻي رهيو آهي. هن ??يو ته مون کي ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه آهي. هن ??يو ته جيڪو شخص مسلسل رياستي ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري، ماڻهن ??ي تشدد تي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ۽ شهيدن جي يادگارن کي ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي س??هي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکيڙيندڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن ??ي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ جعلي خبرن جو طريقيڪار اختيار ڪيو، ان بابت سڀ ڪجهه نف??ت، ورڇ ۽ ڪوڙ آهي.
عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں