اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪست??ن جي دوري تي آيل سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪنوينشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ توه??ن جي شرڪت اس??ن جي لاءِ خوشي جوڳي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا، ??ائيچاري، تاريخ جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. پاڪستان کي سعودي عرب جي پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي هجڻ تي فخر آهي. پاڪست??ن جي پارليامينٽ ۽ عوام سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان گهري وابستگي رکن ٿا. هن چيو ته پاڪ سعودي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پاڪست??ن جي اترئين علائقن کي الله تعاليٰ تمام گهڻي خوبصورتي سان نوازيو آهي. خواهش آهي ته سعودي ڀائر پنهنجي فيمليز سان گڏ پاڪست??ن جي اترئين علائقن جي سير ڪن. سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين چيو ته هو پاڪستان کي پنهنجو گهر تصور ڪري ٿو. پاڪست??ن جي عوام کان ملندڙ محبت سدائين ياد رهندي. سعودي عرب پاڪست??ن جو ڏک سک جو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل رهي ٿو. پاڪست??ن جي سمورن صوبن جي عوام انتهائي محبت ڪندڙ عوام آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن. پارلياماني سطح تي رابطن جو فروغ ضروري آهي. سعودي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ