ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس ??ي موقعي تي ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سيدوف باختيور او??يل??وچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن لاڳاپن خاص طور تي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ عوامي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات ??ي موقعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي مٽاسٽا ??ي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ م ت??جي??ي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حنا رباني کر جي ثمرقند ۾ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون