اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئ??ڪنگ محتسب پاران سال 2021ع دوران بئ??ڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئ??ڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئ??ڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئ??ڪنگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئ??ڪنگ محتسب گذريل سال دوران بئ??ڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ معاملن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئ??ڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئ??ڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئ??ڪنگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع دوران 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 شڪايتن مان 18000 کان وڌيڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي مليون. هن وڌيڪ چيو ته ڪل 37364 شڪايتن مان 25231 شڪايتن کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دوران ڪل شڪايتن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده ش??ايتن جي انتظام جي نظام کي بهتر ب??ائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئ??ڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بئ??ڪنگ محتسب جو ادارو بئ??ڪ فراڊ جي متاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ۾ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئ??ڪنگ محتسب پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئ??ڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن کاتيدارن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.
صدر پاران بئنڪنگ محتسب جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے